پير فاضل شاهه قريشي بڪيرائي

پير فاضل شاهه قريشي بڪيرائي: پير فاضل شاهه بڪيرائي نامور صوفي ولي ٿي گذريو آهي. هي شيخ بهاءُ الدين زڪريا ملتاني جي اولاد مان هو ۽ ڏهين صدي هجريءَ جي شروعات ۾ بُڪيرن جي ڳوٺ، سنڌ ۾ اچي رهائش پذير ٿيو. بڪيرن جي ڳوٺ ۾ بُڪيرا ذات سان واسطو رکندڙ ماڻهو رهندا هئا، پير فاضل شاهه جي آمد وقت هتان جو زميندار ارباب شير بيگ بڪيرو هو، جيڪو هن جو معتقد بڻيو، جنهن جي قبر هڪ مسجد جي اڱڻ ۾ آهي. ’تحفة الڪرام‘ ۾ لکيل آهي ته: ”پراڻ درياهه جي ڪناري تي آمري وٽ هڪ وڻ هوندو هو، جنهن جي ٿڙ ۾ هڪ سوراخ هو، ان سوراخ مان اهو ئي ماڻهو نڪري سگهندو هو، جيڪو پاڪ صاف ۽ باوضو هوندو هو. هي وڻ شيخ بهاءُ الدين ملتانيءَ سان منسوب هجڻ ڪري اتي ملتاني سلسلي جا فقير گڏ ٿيندا هئا، پر پوءِ مخدوم نوحرحه جي خادمن ان تي قبضو ڪيو ۽ ملتاني فقيرن جي اثر کي ختم ڪيو. جنهن تي ملتاني فقير شيخ بهاءُ الدين ذڪريا جي درگاهه تي فريادي ٿيا، ان جي نتيجي ۾ پير فاضل شاهه قريشيءَ کي سنڌ طرف هجرت جو حڪم مليو.“ پير فاضل شاهه جيئن ئي بڪيرن ۾ اچي رهيو ته سنڌ جو ملتان سان گهرو تعلق جڙي ويو. ملتاني جماعتون بڪيرن ۾ قيام پذير ٿي پوءِ ئي ملتان وينديون هيون. ان وقت اها چوڻي مشهور ٿي ته: ’جيڪو بڪيرا ناهي ويو ان جو ملتان وڃڻ به بيڪار‘ اڃا تائين به ملتان جا پير سنڌ ايندا آهن ته بڪيرا ضرور ويندا آهن. پير فاضل شاهه قريشي بڪيرائي سموري زندگي سنڌ ۾ گذاري ۽ هتي تصوف جو پرچار ڪيائين. هن 14 رجب 976هه/ 2 جنوري 1569ع ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو بڪيرن ۾ آهي. اولاد نه هجڻ جي ڪري سندس وصيعت مطابق هن جي عزيز شيخ شهر الله قريشيءَ کي گادي نشين بڻايو ويو.


لفظ پير فاضل شاهه قريشي بڪيرائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو